11

حجامڙو ڪريڪ وٽ ٻيڙي اونڌي ٿيڻ وارو واقعو، 14 مهاڻا گم ٿيڻ جو انڪشاف

.ڪيٽي بندر ڀرسان حجامڙو ڪريڪ وٽ مهاڻن جي ٻيڙي اونڌي ٿيڻ بعد 14 مهاڻن جي گم ٿيڻ جو انڪشاف سامهون اچي ويو آهي

گذريل ڏينهن انتظاميا ۽ مقامي ماڻهن پاران سمورن مهاڻن کي ريسڪيو ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي هئي. جنهن کان پوءِ اڄ 14 مهاڻن جي گم ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. گم ٿيل 14 مهاڻن جي وارثن ميري ٽائيم ۽  انتظاميا کي  گم ٿيل مهاڻن جي ڳولا ۾ مدد جي اپيل ڪري ڇڏي آهي

ان حوالي سان فشر فوڪ جي اڳواڻ ڪمال شاهه ٻڌايو ته ٻيڙي اونڌي ٿيڻ جي اصل وڊيو ۽ حقيقت سامهون اچي وئي آهي آخري اطلاعن تائين 14 ماهيگير اڃان تائين گم آهن، ڪالهه اسان کي موٽي آيل ماهيگيرن گمراهه ڪيو ته سڀ ماهيگير زنده واپس اچي چڪا آهن جڏهن ته اڃان تائين 14 ماهيگير گم آهن

گم ٿيل مهاڻن ۾ عالم بنگالي، رياض بنگالي، احمد بنگالي، شڪيل بنگالي، سجاد بنگالي، نور عالم بنگالي، رحيم بنگالي، شير ملاح، رياض اشرف، سجاد، قيوم بهاري، حسين پوڙهو ۽ ٻيا ماهيگير آخري اطلاعن تائين گُم آهن

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو