24

ڏوڪري: زمين جي پراڻي تڪرار تان جمالي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، فائرنگ، 4 ڄڻا مارجي ويا

ڏوڪري(رپورٽ: عبدالمقيم ميمڻ) ڏوڪري تعلقي جي ڪچي واري علائقي ڳوٺ امام بخش جمالي ۾ زمين جي پراڻي تڪرار تان جمالي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو  ٿي پيو، جنهن دوران ٻنهي ڌرين هڪ ٻئي مٿان جديد هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا جنهن جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا مارجي ويا آهن

جهيڙي دوران مارجي ويلن جي سڃاڻپ حاڪم جمالي، شوڪت جمالي، ارباب جمالي  ۽ دوست محمد جمالي جي نالي طور ٿي آهي

فتح پور ٿاڻي جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش ڏوڪري اسپتال منتقل ڪري ڇڏيا آهن، پوليس جو چوڻ آهي ته جمالي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻو زميني تڪرار هلندڙ هو جنهن جي نتيجي ۾ واقعو پيش آيو آهي. جديد هٿيارن سان فائرنگ سبب علائقي ۾ خوف واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي

ان حوالي سان ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته فائرنگ جو سلسلو صبح کان شروع آهي جيڪو هن وقت تائين جاري آهي

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو