13

پاڪستان جي 14هين صدر آصف علي زرداري پنهنجي عهدي جو حلف کڻي ورتو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان جي 14هين صدر آصف علي زرداري پنهنجي عهدي جو حلف کڻي ورتو. حلف برداري جي تقريب ايوان صدر ۾ ٿي، جنهن ۾ اڳوڻي صدر ڊاڪٽر عارف علوي، مسلم ليگ (ن) جي قائد نواز شريف، وزيراعظم شهباز شريف، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، بختاور ڀٽو ۽ آصفه ڀٽو زرداري شريڪ ٿيا، ان کانسواءِ چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا به تقريب ۾ شرڪت ڪئي. چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ نئين چونڊيل صدر آصف علي زرداري کي حلف کڻايو. واضح رهي ته آصف علي زرداري واحد سويلين آهي جيڪو ٻيو ڀيرو صدر چونڊجي ويو آهي. گذريل ڏينهن آصف علي زرداري 411 اليڪٽورل ووٽ کنيا هئا، جڏهن ته مقابلي ۾ سني اتحاد ڪائونسل جو نامزد ڪيل اميدوار محمود خان اچڪزئي کي 180 اليڪٽرول ووٽ مليا هئا. ٻئي طرف نئين چونڊيل صدر آصف علي زرداري کي صدارتي پروٽوڪول ۽ سيڪيورٽي فراهم ڪئي وئي آهي. هوڏانهن چين جي صدر جن پنگ آصف علي زرداري کي اسلاميه جمهوريه پاڪستان جو صدر چونڊجڻ تي مبارڪون ڏنيون آهن. چين جي سرڪاري خابرو اداري جي رپورٽ موجب پنهنجي پيغام ۾ چين جي صدر جن پنگ چيو آهي ته چين ۽ پاڪستان سٺا پاڙيسري ملڪ آهن، پاڪستان جي وسيع ترقي لاءِ صدر آصف علي زرداري سان گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو