38

آمريڪي رياست ٽيڪساس ۾ ميڪسيڪو جي سرحد ويجهو فوجي هيليڪاپٽر ڪري تباهه

واشنگٽن: آمريڪي رياست ٽيڪساس ۾ ميڪسيڪو جي سرحد ويجهو فوجي هيليڪاپٽر ڪري تباهه ٿي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ 3 فوجي مارجي ويا ۽ هڪ زخمي ٿي پيو. عالمي خابرو اداري موجب آمريڪي فوج جو هيليڪاپٽر ميڪسيڪو جي سرحد تي اڏام ڪري رهيو هو ته حادثي جو شڪار ٿي ويو. ايئر بيس تان اڏامڻ کان ٿوري دير بعد هيليڪاپٽر جو ڪنٽرول ٽاور سان رابطو ٽٽي ويو. بعد ۾ سرچ آپريشن دوران ميڪسيڪو جي سرحد ويجهو هيليڪاپٽر جو ملبو مليو. ملبي مان 2 نيشنل گارڊ ۽ هڪ بارڊر فورس جي اهلڪارن جا لاش هٿ ڪيا ويا، جڏهن ته هڪ کي سخت زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو. مقامي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته هيليڪاپٽر ۾ عورت سميت 4 اهلڪار سوار هئا پر حادثي ۾ فوت ۽ زخمي ٿيلن جي سڃاڻپ سندن گهرڀاتين ۽ مائٽن جي اجازت کانپوءِ ڪئي ويندي. آمريڪي فوج طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته هيليڪاپٽر حادثي ۾ دهشتگرد حملي جا ڪي به ثبوت نه مليا، واقعي جي جاچ لاءِ انڪوائري ڪميٽي جوڙي وئي آهي. اکين ڏٺن شاهدن ميڊيا کي ٻڌايو ته هيليڪاپٽر کي هوا ۾ باهه لڳي ۽ اهو زمين تي ڪري پيو، خوش قسمتي سان هيٺ ڪو به موجود نه هو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو