14

انڊونيشيا ۾ ٻوڏ تباهي مچائي ڇڏي مختلف واقعن ۾ 18 ڄڻا فوت

جڪارتا (انٽرنيشنل ڊيسڪ) انڊونيشيا ۾ ٻوڏ تباهي مچائي ڇڏي جنهن دوران مختلف واقعن ۾ 18 ڄڻا فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا، جڏهن ته 5 ڄڻا لاپتا آهن. عالمي خابرو اداري موجب انڊونيشيا جي ٻيٽ سماترا ۾ مسلسل برسات ٻوڏ ۾ تبديل ٿي وئي، ٻوڏ جو پاڻي رهائشي علائقن ۾ داخل ٿي ويو ۽ پنهنجي رستي ۾ ايندڙ هر شيءِ کي تباهه ڪري ڇڏيو. برساتن ۽ ٻوڏ سبب لينڊ سلائيڊنگ پڻ ٿي جنهن ۾ 5 کان وڌيڪ گهر دٻجي ويا، گهرن جي ملبي مان 12 لاش ڪڍيا ويا ۽ 7 ڄڻن کي سخت زخمي حالت ۾ اسپتال نيو ويو. جڏهن ته 6 ڄڻن کي باحفاظت ملبي مان ڪڍيو ويو، جڏهن ته 5 اڃا تائين لاپتا آهن جن جي جيئري نڪرڻ جون اميدون ختم ٿي ويون آهن. مسلسل برساتن ۽ خراب موسم سبب امدادي ڪمن ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن. ٻوڏ ۾ ڪيترائي ماڻهو ٻڏي ويا، جڏهن ته وڻ ڪِرڻ سبب 6 ڄڻا فوت پڻ ٿي ويا، جنهن کانپوءِ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 10 کان وڌيڪ ماڻهن کي انتهائي نگهداشت واري وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو آهي. موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته برساتن جو سلسلو وڌيڪ 2 ڏينهن جاري رهندو، جڏهن ته فوتين جو انگ وڌڻ جو به خدشو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو