16

اٽلي ۾ جاري نمائش مان 13 لک ڊالرن جا سون جا ٺهيل فن پارا چوري ٿي ويا.

روم (انٽرنيشنل ڊيسڪ) اٽلي ۾ جاري نمائش مان 13 لک ڊالرن جا سون جا ٺهيل فن پارا چوري ٿي ويا. پرڏيهي ميڊيا موجب ’لائڪ اي وارم، فلونگ گولڊ“ نالي نمائش ڊسمبر جي آخر ۾ شروع ٿي هئي ۽ جمعي تي ختم ٿيڻي هئي پر اربع جي رات سون مان ٺهيل آرٽ جا 49 فن پارا چوري ٿي ويا. نمائش جي منتظمين جو چوڻ آهي ته نمائش جي احاطي مان چوري ٿيل فن پارن مان هڪ کي هٿ ڪيو ويو آهي پر ٻيا 48 فن پارا اڃا تائين نه مليا آهن. پرڏيهي خابرو اداري موجب منتظمين جو چوڻ آهي ته سندن حفاظتي انتظام ۽ الارم اعليٰ معيار جا آهن، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته ان واقعي ۾ انتهائي مهارت رکندڙ چورن جو گروهه ملوث آهي. منتظمين جو چوڻ آهي ته چوري جي واقعي جي جاچ جاري آهي

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو