13

پاڪستان اسپورٽس بورڊ جي ڊائريڪٽر جنرل شعيب کوسو تي ايم بي اي جي جعلي ڊگري وٺڻ جا الزام

پاڪستان اسپورٽس بورڊ جي ڊائريڪٽر جنرل شعيب کوسو تي ايم بي اي جي جعلي ڊگري وٺڻ جا الزام هنيا ويا

 اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سنڌ يونيورسٽي جي رجسٽرار کان شعيب کوسو جي ڊگري جو ريڪارڊ طلب ڪري ورتو، عدالت شعيب کوسو جي مقرري خلاف وڌيڪ دستاويز جمع ڪرائڻ جي درخواست منظور ڪري ورتي آهي

 درخواست گذار امجد فاروق جو چوڻ آهي ته شعيب کوسو جي ايم بي اي واري ڊگري  ۾ درج رول نمبر گيتا شنڪر لوهاڻا جو آهي، جعلي ڊگري ڪيس ۾ ڊي جي اسپورٽس کي هٽائڻ جي استدعا ڪئي وئي

ٻڌڻي هلائيندڙ جسٽس بابر ستار چيو ته اسان سنڌ يونيورسٽي کان ريڪارڊ گهرائي ٿا وٺون، ٻڌڻي 30 اپريل تائين ملتوي، اپريل 2023 ۾ وزيراعظم شهباز شريف شعيب کوسو کي ڊي جي پاڪستان اسپورٽس بورڊ مقرر ڪيو هو

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو