8

صدر پاڪستان جي ڳڙهي خدابخش آمد، شهيدن جي مزار تي حاضري

نئون ديرو: صدر پاڪستان آصف علي زرداري ڳڙهي خدابخش پهچي قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد محترمه بينظير ڀٽو، بيگم نصرت ڀٽو، شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو، شهيد شاهنواز ڀٽو ۽ ٻين مزارن تي گلن جون چادرون چاڙهي فاتحه خواني بعد ملڪ جي ترقي، خوشحالي ۽ ڪاميابي لاءِ دعا گهري

جڏهن ته صدر آصف علي زرداري جي آمد کان اڳ مزار کي عام ماڻهن کان مڪمل طور تي خالي ڪرايو ويو هو ۽ سيڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا هئا

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو