13

آءِ ايم ايف پي آءِ اي ۽ حڪومتي ملڪيتي ادارن کي خانگائڻ جو پلان طلب ڪري ورتو

آءِ ايم ايف سان ڳالهين جو اڄ ٻيو دور، پي آءِ اي ۽ حڪومتي ملڪيتي ادارن کي خانگائڻ جو پلان طلب، حڪومتي دستاويزن موجب پي آءِ اي جي نجڪاري لاءِ بئنڪن ۽ حڪومت وچ ۾ قرض ٽرم شيٽ  تي آءِ ايم يف کي بريفنگ ڏني ويندي

 ذريعن موجب پي آءِ اي جي نجڪاري لاءِ ڪمرشل بئنڪن کان 12 سيڪڙو تائين  وياج شرح تي ٽرم شيٽ  ايگريمينٽ ٿيندو، ڪمرشل بئنڪن کن قرض ٽرم شيٽ معاهدو طئي ٿيڻ تي بئنڪن کان اين او سي ملندو

 آءِ ايم ايف کي ڊوميسٽنگ فنانسنگ، حڪومتي گارنٽيز سميت هيلٿ ۽ ايجوڪيشن سيڪٽر  جي خرچن تي بريفنگ ڏني ويندي، ٽيڪس پاليسي، ايڊمنسٽريشن ۽ ريوينيو تي ايف بي آر  جي وفد سان ڳالهيون ٿينديون، اسٽينڊ باءِ اريجمينٽ جي ٻي جائزي تي ڳالهيون 18 مارچ تائين جاري رهنديون

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو