12

رستن تي ڪيمرائون لڳائڻ جو ڪم هلندڙ مهيني ۾ مڪمل ڪيو وڃي: آءِ جي سنڌ

آءِ جي سنڌ رفعت مختار چيو آهي ته شهرن ۾ داخل ٿيڻ ۽ ٻاهر نڪرڻ وارن رستن تي جديد ڪيمرائون لڳائڻ جو ڪم هلندڙ مهيني ۾ مڪمل ڪيو وڃي

آءِ جي سنڌ رفعت مختار راجا جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ سنڌ سمارٽ سرويلنس سسٽم پروجيڪٽ تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو

آءِ جي سنڌ رفعت مختار راجا چيو ته سنڌ سمارٽ سرويلنس سسٽم جي ذريعي گاڏين جي سڃاڻپ کي ممڪن بڻائي  سگهبو

آءِ جي سنڌ ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر ۾ قائم S-4 منصوبي جو دورو به ڪيو، هن هدايتون ڪيون ته جمعي جي موقعي تي سڪيورٽي  قدمن کي غيرمعمولي بڻايو وڃي

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو