46

ملڪ مان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ سڄي قوم پاڪ فوج سان گڏ بيٺل آهي: وزير اعظم

پاڪ فوج جي بهادر جوانن ۽ آفيسرن ملڪ جي بقا لاءِ پنهنجين جانين جو نذرانو پيش ڪيو، شهيدن جا گهر ڀاتي سڄي قوم لاءِ فخر جوڳا آهن

ملڪ مان دهشتگردي جي ناسور کي ختم ڪرڻ جي لاءِ سڄي قوم گڏ آهي، پاڪ فوج جي جوانن جون قربانيون ضايع نه ٿينديون

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزير اعظم شهباز شريف اتر وزيرستان ۽ مير علي ۾  دهشتگردن جي حملي ۾ شهيد ٿيل ليفٽنينٽ ڪرنل سيد ڪاشف علي جي گهر چڪلالا ويو، جڏهن ته  ڪئپٽن احمد بدر جي گهرتله ڪنگ پڻ ويو، شهيدن جي مغفرت لاءِ دعا گهري، جڏهن ته گهر ڀاتين لاءِ صبر جي پڻ دعا ڪئي، ان موقعي تي ڳالهائيندي وزير اعظم شهباز شريف چيو ته ملڪ مان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ سڄي قوم پاڪ فوج سان گڏ بيٺل آهي،پاڪ فوج جي بهادر جوانن ۽ آفيسرن ملڪ جي بقا لاءِ پنهنجين جانين جو نذرانو پيش ڪيو، شهيدن جا گهر ڀاتي سڄي قوم لاءِ فخر جوڳا آهن، سڄي قوم ملڪ مان دهشتگردي جي ناسور کي ختم ڪرڻ جي لاءِ گڏ آهي، پاڪ فوج جي جوانن جون قربانيون ضايع نه ٿينديون.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو