15

سنڌ حڪومت پرڏيهي سيڙپڪاري آڻي صنعت ۽ زراعت جي شعبي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڪوششون ڪري پئي: وڏو وزير

صدر آصف علي زرداري جي گذريل دور ۾ زرعي منصوبن بابت معاهدن تي صحيحيون ڪيون ويون هيون، هاڻي ان تي عمل ڪيو ويندو

زراعت جا سائنسي طريقا اختيار ڪري فصلن جي پيدوار کي بهتر بڻائي سگهجي ٿو، بي آر ٽي بس سروس جي منصوبن تي ڪم جاري آهي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سندس حڪومت مختلف مراعتون ڏئي پرڏيهي سيڙپڪاري آڻي صنعت ۽ زراعت جي شعبي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. هن اها ڳالهه  وزيراعليٰ هائوس ۾ چين جي قونصل جنرلز مسٽر يانگ يونڊونگ، جاپان جي هاٽوري مسارو، ترڪي جي ڪمال سانگو ۽ روس جي مسٽر اينڊري فيڊروف سان ڳالهائيندي چئي جن ساڻس الڳ الڳ ملاقاتون ڪيون. قونصل جنرلن کيس ٽيون ڀيرو سنڌ جو وڏو وزير چونڊجڻ تي واڌايون ڏنيون ۽ سندس ڪاميابي لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ کان علاوه واپار جي فروغ لاءِ سيڙپڪاري ۽ واپاري وفدن جي مٽاسٽا تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.   وڏي وزير ۽ چين جي قونصل جنرلز يانگ يونڊونگ سي پيڪ منصوبن، ڪراچي سرڪلر ريلوي ۽ زراعت جي شعبي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وڏي وزير چيو ته بي آر ٽي بس سسٽم جون ڪجهه لائينون ڪم ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته ٻه تعمير هيٺ آهن. هن چيو ته ڪي سي آر بي آر ٽي لائينن جو فيڊر هوندو ۽ ان جي تعمير سان هن وڏي شهر ۾ ٽرانسپورٽ جو مسئلو حل ٿي ويندو. قونصل جنرل چيو ته ڪي سي آر سي پيڪ جو ترجيحي منصوبو آھي ۽ ان جي جلد منظوري ڏني ويندي. مراد علي شاهه چيو ته صدر آصف علي زرداري جي گذريل دور ۾ زرعي منصوبن بابت ايم او يوز تي صحيحون ڪيون ويون. هاڻي وقت اچي ويو آهي ته زرعي منصوبن تي عمل ڪيو وڃي جيڪي زراعت جا سائنسي طريقا اختيار ڪن ته جيئن فصلن جي پيداوار کي بهتر بڻائي سگهجي.  وڏي وزير ۽ جاپان جي قونصل جنرل مسٽر هٽوري مسارو مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جن ۾ اليڪٽرانڪس ۽ آٽو موبائيل شامل آهن. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته جلد سيڙپڪاري لاءِ علائقن جي چونڊ لاءِ سنڌ سيڙپڪاري کاتي جي اعليٰ عملدارن ۽ قونصليٽ جي وچ ۾ هڪ اجلاس منعقد ڪيو ويندو. قونصل جنرل ترڪي: ترڪي جي قونصل جنرل ڪيمل سانگو وڏي وزير کي ٻڌايو ته هو ڳوٺاڻن علائقن ۾ تعليمي نظام کي وڌائڻ چاهي ٿو. هن وقت ڪراچي، حيدرآباد ۽ ميرپورخاص ۾ ترڪ اسڪول ڪم ڪري رهيا آهن. وڏي وزير چيو ته هو ڳوٺاڻن علائقن ۾ ترڪ اسڪولن  لاءِ تعليم واري وزير سان ملاقات ڪندو. مراد علي شاهه چيو ته صدر آصف زرداري ڀٽ شاهه ۾ صوفي يونيورسٽي قائم ڪرڻ ۾ دلچسپي رکي ٿو. هن وڌيڪ چيو ته ترڪي ۾ صوفي ڪلچر مضبوط آهي ۽ ترڪي جا عالم صوفي يونيورسٽيون قائم ڪرڻ ۾ مدد ڪري سگهن ٿا. ان تي قونصل جنرل وڏي وزير کي يقين ڏياريو ته هو صوفي عالمن جي هڪ وفد کي سنڌ جو دورو ڪرڻ جو بندوبست ڪندو ۽ صوفي يونيورسٽي جي منصوبي تي عمل ڪرڻ لاءِ طريقن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪندو.  روسي قونصل جنرل مسٽر اينڊري فيڊروف وڏي وزير سان ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو