8

شهلا رضا پاڪستان هاڪي فيڊريشن جي پهرين عورت صدر چونڊجي وئي

شهلا رضا پاڪستان هاڪي فيڊريشن جي پهرين عورت صدر چونڊجي وئي

ڪراچي  پي ايڇ ايف ڪانگريس جو اجلاس سيڪريٽري پي ايڇ ايف حيدر حسين جي اگواڻي ۾ ٿي گذريو

پي ايڇ ايف ڪانگريس اجلاس ۾ نيشنل بئنڪ ۽ پاڪستان ڪسٽمز جي نمائندن به شرڪت ڪئي، ڪانگريس جي اجلاس ۾ 64 مان 54 ميمبرن شرڪت ڪئي.

پي ايڇ ايف ڪانگريس جي اجلاس ۾ شهلا رضا کي اتفاق راءِ سان صدر چونڊيو ويو، شهلا رضا پاڪستان هاڪي فيڊريشن جي پهرين عورت صدر بڻجي وئي.

ان کان سواءِ شجاع اقبال پاشا کي فنانس سيڪريٽري چونڊيو ويو.

شهلا رضا ان کان اڳ پي ايڇ ايف جي نائب صدر به رهي چڪي هئي.

واضح رهي ته هاڪي فيڊريشن جي ٻئي گروپ جو اجلاس خميس تي راڻا مجاهد جي صدارت هيٺ اسلام آباد ۾ ٿيندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو