14

بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ زلزلي جا لوڏا

ڪوئٽه: (اربع: 20 مارچ 2024ع) ڪوئٽه سميت بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ اڄ صبح سوير هڪ دفعو ٻيهر زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا آهن

چمن، قلعه عبدالله، نوشڪي، پشين، دلابدين سميت پاڪ ايران جي سرحدي علائقن ۾ به زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا. ريڪٽر اسڪيل تي زلزلي جي شدت 5.6 جڏهن ته زلزلي جي گهرائي 30ڪلو ميٽر رڪارڊ ڪئي وئي

زلزلي جو مرڪز ڪوئته کان 168  ڪلو ميٽر پري ڏاکڻي مغرب ۾ هو. ياد رهي ته گذريل ڏينهن به ڪوئٽه، نوشڪي ۽ چاغي سميت بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا هئا. زلزلي جي شدت 5.4 هئي جڏهن ته گهرائي 35 ڪلو ميٽر هئي

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو