جيلن واري کاتي جي صوبائي وزير علي حسن زرداري ملڪ جي ڪمزور معاشي صورتحال سبب بطور وزير سرڪاري سھولتون نه وٺڻ جو فيصلو ڪندي سنڌ جي وڏي وزري کي خط لکي ڇڏيو آھي
صوبائي وزير علي حسن زرداري مليل سرڪاري گاڏي فارچونر 2700 سي سي واپس ڪري ڇڏي آھي ۽ ماھوار 600 ليٽر پيٽرول پڻ نه وٺندو ـ صوبائي وزير چيو ته جيسين تائين ملڪ جون معاشي حالتون بھتر نه ٿيون ٿين ان وقت تائين ڪابه سرڪاري سھولت نه وٺندس ـ