اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاق ۽ سنڌ حڪومت وچ ۾ ڪيٽي بندر تي بندرگاهه ٺاهڻ اتفاق، سامونڊي معاملن بابت وفاقي وزير قيصر شيخ جي وڏي وزير مراد علي شاهه سان ملاقات، ان موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته ڪيٽي بندر پورٽ ٺاهڻ وقت جي ضرورت آهي، سامونڊي گدلاڻ کي ختم ڪرڻ لاءِ گڏجي قدم کڻڻا پوندا، ملاقات دوران وفاقي وزير قيصر شيخ چيو ته وفاق ۽ سنڌ حڪومت گڏجي ڪيٽي بندر ٺاهي سگهن ٿيون، سامونڊي گدلاڻي جي خاتمي لاءِ وفاق ڪم ڪري رهيو آهي.
22