مانجھند (ويب ڊيسڪ) مانجھند ڀرسان انڙپور ريلوي ڦاٽڪ تي ٽرين جي ڪار کي ٽڪر جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو جڏهن ته 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا، علي آباد ڏانهن ويندڙ ڪار سان حيدرآباد کان سيوھڻ طرف ويندڙ موهن جو دڙو ايڪسپريس جو ٽڪر ٿي پيو، حادثي سبب ڪار ريل گاڏي هيٺ اچي ڦاسي پئي، فوتي ۽ زخمين جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي هئي. هوڏانهن ريتي ويجھو ريلوي لائين پار ڪندي ريل جو ٽڪر لڳڻ سبب موٽرسائيڪل سوار پيرسن رجب علي ڪوڀر فوت ٿي ويو.
17