14

نيپرا ڪي اليڪٽرڪ کي نيٽ ميٽرنگ قانون جي مبينا طور ڀڃڪڙي تي نوٽيس موڪليندي

لاهور (ويب ڊيسڪ) نيپرا ڪي اليڪٽرڪ کي نيٽ ميٽرنگ قانون جي مبينا طور ڀڃڪڙي ڪرڻ تي نوٽيس موڪلڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو، نيپرا جو چوڻ آهي ته ڪي اليڪٽرڪ نيٽ ميٽرنگ ڪنيڪشن فراهم نه ڪرڻ جي شڪايت تي نوٽيس ورتو، نيپرا ڪي اليڪٽرڪ کان قانون جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي وضاحت طلب ڪئي هئي، ڪي اليڪٽرڪ ٻه ڀيرا جواب پيش ڪيو پر نيپرا اختيارين ڪي اليڪٽرڪ جي جواب کي غير تسلي بخش قرار ڏنو ۽ فيصلو ڪيو ته ڪي اليڪٽرڪ کي شوڪاز جاري ڪيو ويندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو