دبئي (اسپورٽس ڊيسڪ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل، ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ کان چيمپيئنز ٽرافي ۾ شرڪت لاءِ پاڪستان نه اچڻ جا سبب لکت ۾ گهُري ورتا، ذريعن موجب ڀارتي ٽيم چمپينز ٽرافي ۾ شرڪت نه ڪئي ته آءِ سي سي کي پنجاهه ڪروڙ ڊالرز جو نقصان ٿيندو، آءِ سي سي کي ٽرافي جي نشريات، اشتهارن ۽ اسپانسرشپ مان ڪروڙين ڊالر ڪمائي ڪرڻي آهي، پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ميچ نه ٿيڻ سان انڊين ڪرڪيٽ بورڊ کي به 10 ڪروڙ ڊالرز جو نقصان ٿيندو.
14