اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي گھرو وزير محسن نقويءَ چيو آهي ته ملڪي مفاد سڀن کان مٿانها آهن، وفاقي گهرو وزير محسن نقوي، جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ ملڪ جي مجموعي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون، محسن نقويءَ مولانا فضل الرحمان جي طبيعت پڻ پڇي، گهرو وزير جو چوڻ هو ته مولانا فضل الرحمان سدائين ملڪ مفادن کي مٿانهون رکيو آهي، مولانا فضل الرحمان چيو ته سندن اوليت پاڪستان ۽ پاڪستاني عوام آهي.
18