واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميٿيو ملر چيو آهي ته پاڪستان ۾ دهشتگرديءَ جي واقعن جي رپورٽن کان آگاهه آهيون، پاڪستاني عوام خلاف سفاڪاڻن حملن جو سلسلو جاري آهي، پاڪستان ۾ دهشتگرد حملن جي واقعن جي مذمت ڪريون ٿا، آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميٿيو ملر بريفنگ ڏيندي چيو ته پاڪستاني عوام کي دهشتگردن ۽ انتهاپسندن هٿان گهڻو نقصان رسيو آهي، دهشتگردن سبب پيش ايندڙ خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ هو حڪومتي اڳواڻن سان ڳالهه ٻولهه لاءِ پرعزم آهن، پاڪستان حڪومت سان دهشتگردي خلاف پارٽنرشپ جاري آهي.
19