13

خارجي دهشتگردن جو بنون چيڪ پوسٽ تي حملو، 12 جوان شهيد، 6 دهشتگرد ماريا ويا: آءِ ايس پي آر

بنون (ويب ڊيسڪ) سڪيورٽي فورسز چيڪ پوسٽ ۾ دهشتگردن جي داخل ٿيڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي، 12 جوان شهيد، 6 خارجي دهشتگرد به مارجي ويا. آءِ ايس پي آر پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته بنون جي علائقي مالي خيل ۾ سڪيورٽي فورسز جي چيڪ پوسٽ تي حملي جي ڪوشش ڪئي وئي، سڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 12 جوان شهيد ٿي ويا، آءِ ايس پي آر پاران جاري بيان موجب خارجي دهشتگردن جي چيڪ پوسٽ ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش کي سڪيورٽي فورسز ناڪام بڻائي ڇڏيو، سڪيورٽي فورسز جي فائرنگ ۾ 6 خارجي دهشتگرد به مارجي ويا، دهشتگردن بارود سان ڀريل گاڏي چيڪ پوسٽ سان ٽڪرائي ڇڏي. آءِ ايس پي آر موجب شهيد ٿيندڙ اهلڪارن ۾ سيڪيورٽي فورسز جا 10 اهلڪار ۽ ٻه فرنٽيئر ڪانسٽيبلري جا اهلڪار شامل آهن، دهشتگردن جي حملي ۾ چيڪ پوسٽ جي ڀِت جو هڪ حصو به ڊهي پيو، آپگھاتي ڌماڪي سبب لاڳاپيل انفرا اسٽرڪچر کي به سخت نقصان پهتو جنهن سبب 12 جوانن شهادت ماڻي. آءِ ايس پي آر موجب علائقي ۾ ڪليئرنس آپريشن جاري آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو