ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ اڄ ٽيليويزن جو عالمي ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي، دنيا ۾ پهريون ڀيرو ٽي وي 1920جي ڏهاڪي ۾ منظرعام تي آيو هو، پاڪستان ۾ 26 نومبر 1964 ۾ بليڪ اينڊ وائيٽ اسڪرين سان ٽي وي جي شروعات ٿي هئي. هن وقت ملڪ ۾ 100 کان وڌيڪ چينلز آهن، جيڪي خبرن سميت اسپورٽس ۽ انٽرٽينمينٽ پيش ڪري رهيا آهن.
![](https://dailysobh.com/wp-content/uploads/2024/11/World-TV-Day0002-688x320.jpg)