غزا سٽي (ويب ڊيسڪ) اسرائيلي فوج پاران غزا ۾ رت جي راند جاري آهي، گذريل 24 ڪلاڪن دوران اسرائيلي حملن ۽ بمباري ۾ وڌيڪ 62 فلسطيني شهيد ٿي ويا، اسرائيلي فورسز اتر غزا ۽ اولهندي ڪناري پناهگير ڪئمپن تي حملا جاري رکيا، عداوان اسپتال ايندڙ ويندڙ ماڻهن تي فائرنگ ڪئي وئي، لبنان ۾ به اسرائيلي فوج جي دهشتگردي جاري آهي تازن حملن ۾ وڌيڪ 28 شهري شهيد ٿي ويا. هوڏانهن آمريڪا گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ غزا جنگبندي بابت پيش ٿيل ٺهراءَ ويٽو ڪري ڇڏيو.
19