اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ ڪوئيٽا مان اغوا ٿيل ٻار جي بازيابي لاءِ پهريون پاڻمرادو نوٽيس وٺي ڇڏيو، لاڳاپيل عملدارن کان رپورٽ طلب ڪئي وئي، عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي بلوچستان جي سڀني ڊي آءِ جيز ۽ گهرو سيڪريٽري کي گهرائي ورتو، جسٽس جمال خان مندوخيل ريمارڪس ڏنا ته ڪوئيٽا مان 6 ڏينهن اڳ هڪ ٻارڙو اغوا ٿيو، جنهن کي اڃا تائين ڳوليو ناهي ويو، ٻار جي بازيابي لاءِ احتجاج سبب سڄو ڪوئيٽا شهر جام ٿي چڪو آهي پر حڪومت کي پرواهه ناهي.
18