14

پي ٽي آءِ جي احتجاج دوران سرڪاري مشينري استعمال ٿيڻ نه ڏني وڃي: وفاقي گھرو وزارت

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ جي احتجاج دوران سرڪاري مشينري استعمال ٿيڻ نه ڏني وڃي، وفاقي گهرو وزارت جو خيبرپختونخوا جي چيف سيڪريٽري کي خط، تحريڪ انصاف جي اعلانيل احتجاج کي منهن ڏيڻ لاءِ 23 نومبر کان اسلام آباد، ڪي پي ۽ پنجاب ۾ انٽرنيٽ ۽ موبائيل فون سروس جزوي طور معطل ڪرڻ جو فيصلو، حڪومتي ذريعن موجب، پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي طرفان 22 نومبر تي موبائيل انٽرنيٽ سروس تي فائر وال ايڪٽو ڪئي ويندي، جنهن سان انٽرنيٽ جي سروس تمام سست ٿي ويندي، سوشل ميڊيا ايپز تي وڊيو، آڊيوز ڊائون لوڊ نه ٿي سگهنديون، تحريڪ انصاف احتجاج کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ خاص اسڪواڊ جوڙي ورتو، ذريعن موجب اسڪواڊ ۾ پي ٽي آءِ يوٿ ونگ جي ڪارڪنن کي شامل ڪيو ويندو……

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو