ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ سرڪار وفاق کان گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس سڏائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وزيراعظم کان سي سي آءِ جو اجلاس گهرائڻ جو مطالبو ڪيو، مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته آئين تحت 90 ڏينهن اندر سي سي آءِ جو اجلاس سڏائڻ ضروري هوندو آهي، 3 مهينا مڪمل ٿيڻ وارا آهن پر اڃا تائين اجلاس ناهي سڏايو ويو، آئين تحت هن وقت تائين 3 اجلاس ٿيڻ گهرجن ها.
14