راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) راولپنڊيءَ جي احتساب عدالت هڪ سئو 90 ملين پائونڊ ڪرپشن ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني جي گهرواري بشريٰ بي بي جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا، اڊيالا جيل راولپنڊي ۾ هڪ سئو 90 ملين پائونڊ ڪرپشن ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، احستاب عدالت جي جج مسلسل غيرحاضري تي بشريٰ بي بيءَ جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا، بشري بي بي اڄ به پنهنجي وڪيل معرفت طبي بنيادن تي حاضري کان ڇوٽ ڏيڻ جي درخواست جمع ڪرائي هُئي.
20