ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ايم ڊي ڪيٽ پيپر ليڪ ٿيڻ واري ڪيس ۾ درخواست جي ڪاپي پي ايم ڊي سي کي فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، درخواست گذار جي وڪيل چيو ته پي ايم ڊي سي عدالتي حڪم تي عمل نه پئي ڪري، عدالتي فيصلي موجب گذريل ٻِن سالن وارا شاگرد به ٽيسٽ ڏئي سگهن ٿا، درخواست جو جواب پي ايم ڊي سي ڏئي سگهي ٿي.
13