اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور کي اسلام آباد جي ٿاڻي ايم نائين تي داخل ڪيل ڪيس ۾ اشتهاري قرار ڏيڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي، دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج طاهر عباس سپرا حڪم نامو جاري ڪيو، عدالتي حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته علي امين گنڊاپور کي اشتهاري قرار ڏيڻ بعد ڪيس ۾ نامزد ڪيل ٻين جوابدارن کي الڳ ڪيو ويو آهي، عدالتي حڪم نامي تحت جوابدارن راجا راشد، واثق قيوم، خرم نواز، فيصل جاويد ۽ عمر تنوير جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا آهن. ٻئي طرف پنجاب حڪومت صوبي ۾ ٽِن ڏينهن لاءِ قلم 144 لاڳو ڪري ڇڏيو، پنجاب ۾ 23 کان 25 نومبر تائين احتجاجي مظاهرن، جلسن، جلوسن، ريلين ۽ ڌرڻن تي پابندي، نوٽيفڪيشن جاري.
15