اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف سڀاڻي رٿيل احتجاج ملتوي ڪرڻ تي غور شروع ڪري ڇڏيو، ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ جي سياسي ڪميٽي گذريل رات اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي نظر ۾ رکندي 24 نومبر جي احتجاجي مارچ کي ملتوي ڪرڻ ۽ بشرا بي بيءَ جي وڊيو بيان بعد شروع ٿيل تڪرار تي غور ويچار ڪيو، اڪثريت ميمبر احتجاج ملتوي ڪرڻ ۽ ڳالهين ذريعي معاملا حل ڪرڻ جي حق ۾ هئا، حتمي فيصلي لاءِ پارٽي جو وفد باني پي ٽي آءِ سان ملاقات لاءِ اڊيالا جيل پهچي ويو.
14