اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير محسن نقويءَ چيو آهي ته سڀاڻي بيلاروس جو وفد ۽ 25 نومبر تي بيلاروس جو صدر پاڪستان ايندو، غير ملڪي مهمانن جي موجودگي دوران ڪنهن کي به امن امان خراب ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين، قانون هٿ ۾ کڻندڙ هر شخص کي گرفتار ڪيو ويندو، وفاقي گهرو وزير محسن نقوي اسلام آباد ۾ پوليس هيڊڪوارٽر جي دوري دوران ڳالهائيندي چيو ته پوليس اهلڪارن کي هڪ ٽيم جيان ڪم ڪرڻو آهي، پوليس جا جوان هيلمٽ ۽ حفاظتي جيڪٽس پهري فرض نڀائين.
17