15

عدالتي حڪم آهن، احتجاج جي اجازت نٿي ڏئي سگھجي: محسن نقويءَ جو پي ٽي آءِ چيئرمين سان رابطو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي عمل ڪندي گھرو وزير سينيٽر محسن نقويءَ پي ٽي آءِ چيئرمين بيريسٽر گوهر سان رابطو ڪيو آهي، وفاقي گھرو وزير محسن نقويءَ ۽ بيريسٽر گوهر موجوده سياسي صورتحال تي تفصيلي ڳالهه ٻول ڪئي، محسن نقويءَ بيريسٽر گوهر کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي حڪم کان پوءِ جي صورتحال کان آگاهه ڪيو. ان موقعي تي محسن نقويءَ جو چوڻ هو ته اسان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي حڪم جا پابند آهيون ڪنهن جلوس، ڌرڻي يا ريليءَ جي اجازت نٿا ڏئي سگھون. گھرو وزير بيريسٽر گوهر کي بيلاروس جي وفد جي 24 نومبر کان 27 نومبر تائين جي مصروفيتن کان آگاهه ڪيو جنهن تي بيريسٽر گوهر چيو ته پارٽي مشاورت کان پوءِ توهان کي آخري راءِ کان آگاهه ڪندس.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو