ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ جي سڏ تي سھپ ۽ رواداري واري سنڌ جي سري هيٺ ثقافتي ڏھاڙو ملهائڻ جون سرگرميون چوٽ چڙهيل، عثمان شاهه ھڙي ويجھو ماڊل پرائمري اسڪول ڪلر شاخ ۾ ثقافتي تقريب، شاگردن ۽ شاگردياڻين ثقافتي ويس پھري مختلف ٽيبلوز پيش ڪيا، قومي گيت ۽ شاعري ٻڌائي سنڌ جي ثقافت کي ڀيٽا پيش، ثقافتي شين جا ماڊلز به نمائش لاءِ پيش، ھڱورجا يوٿ فورم پاران سگھڙ ڪچھري منعقد، ڏات ڌڻين ڏور بيت ۽ نڪور شاعري پيش ڪئي، الغوزي نواز قومي گيت جي ڌن وڄائي ماڻهن کي مست ڪري ڇڏيو، رسول آباد ۾ ثقافتي ڏهاڙو ملهائڻ لاءِ ٽوپين جو وڪرو عروج تي.
16