5

ڪي پي جا سرڪاري ملازم احتجاجي ٽولي ۾ شريڪ آهن: پنجاب جي اطلاعات کاتي جي وزير

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي اطلاعات کاتي جي وزير عظميٰ بخاري چيو آهي ته ڪي پي جو وڏو وزير وفاق تي چڙهائي لاءِ نڪتل آهي، ڪي پي جا سرڪاري ملازم احتجاجي ٽولي ۾ شريڪ آهن، لاهور سميت پنجاب مان رڳو 80 ماڻهو احتجاج لاءِ نڪتا، پنجاب جي عوام ڏڦيڙ ۽ وڳوڙي احتجاج کي رد ڪري ڇڏيو آهي، پرامن ۽ پي ٽي آءِ 2 مختلف شيون آهن، پي ٽي آءِ نه پرامن ۽ نه سياسي پارٽي آهي، پنجاب جي اطلاعات کاتي جي وزير عظميٰ بخاري پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته بشريٰ بي بي گهريلو عورت ناهي رهي، ڏڦيڙي مارچ جي اڳواڻي ڪري رهي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو