ٽيڪسلا (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ جي 24 نومبر واري پرتشدد احتجاج جو ٽيڪسلا ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو، پي ٽي آءِ باني، بشريٰ بي بي ۽ عليمه خان خلاف دهشتگردي روڪ ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو، ڪيس ۾ اڳوڻو صدر عارف علوي، عمر ايوب، علي امين گنڊاپور، شهريار رياض، حماد اظهر ۽ اسد قيصر سميت 300 کان وڌيڪ جوابدار به نامزد ڪيا ويا، ايف آءِ آر جي متن ۾ چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ باني جيل ۾ اسلام آباد تي چڙهائي جو منصوبو ڏنو، مظاهرين سرڪاري گاڏين کي نقصان رسايو، جوابدارن پوليس ڊرائيور کي اغوا ڪيو ۽ تشدد بعد ڇڏي ڏنو، فيصل آباد ۾ به بشريٰ بي بي، پي ٽي آءِ باني ۽ علي امين گنڊاپور سميت 75 ڪارڪنن خلاف ڪيس داخل.
13