5

حڪومتن جي اوليت عوام هوندو آ پر ڪي پي حڪومت جي اوليت وفاق تي چڙهائي آهي: شرجيل ميمڻ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ملڪ ۾ افراتفري ۽ ڏڦيڙ پکيڙڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، حڪومتن جي اوليت عوام هوندو آهي پر ڪي پي حڪومت جي اوليت وفاق تي چڙهائي آهي. ڪي پي ۾ هڪ هفتي دوران 90 کان وڌيڪ شهادتون ٿي چڪيون آهن پر اتان جو وڏو وزير گم آهي. سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ملڪ ۾ پرڏيهي مهمان آيل آهن، هڪ ٽولو ڪهڙو پيغام چاهي ٿو، پي ٽي آءِ وارن جو عوام لاءِ ڪو هڪ به مطالبو نه آهي، عوام کي ڏڦيڙ ڏانهن ڌڪڻ بند ڪيو وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو