ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪراچي ۾ ترقياتي رٿائن تي ڪم جاري آهي، ڪريم آباد اندر پاس، ملير ايڪسپريس وي اهم منصوبا آهن، ڪريم آباد تي ٻن ٻن لائينز تي انڊرپاس جي لاڳت 3 ڏهائي 8 ارب رپيا آهي، ملير ايڪسپريس وي ڄام صادق پل کان ڪاٺوڙ تائين 38 ڪلو ميٽر ڊگهو منصوبو آهي، فيز ون جو ڪم 25 ڊسمبر تائين مڪمل ڪيو وڃي، ڪراچي ۾ جاري مختلف ترقياتي ڪمن بابت وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ اجلاس، ڪريم آباد اندر پاس، ملير ايڪسپريس وي ۽ ڪورنگي ڪازوي پل جي ڪم ۾ اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو.
5