12

ڌرتي ٽي وي جي سڏ تحت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ثقافتي پروگرام

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڌرتي ٽي وي طرفان اعلانيل ثقافتي ڏهاڙي سهپ ۽ رواداري واري سنڌ جي سري هيٺ سرگرميون جاري، چوٽياريون ڀرسان ڳوٺ راڻو خان لغاري ۾ ثقافتي رنگن سان ڀرپور ڪچهري جو پروگرام منعقد ڪيو ويو، رنگا رنگ پروگرام ۾الغوزي نواز غلام مصطفيٰ لغاري پنهنجي فن جو مظاهرو پيش ڪري محفل کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا، ناليوارن سگهڙن ڏور بيت ۽ ڳجهارتون ٻڌائي واهه واهه ڪرائي ڇڏي. ٻئي طرف قمبر ۾ مچ ڪچهري ۾ سياسي سماجي اڳواڻ ۽ شهري شريڪ، سامارو ۾ محفل موسيقي ذريعي ڌرتي کي ڀيٽا پيش، قومي گيتن تي جهمريون.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو