5

جاڙن شهرن ۾ تعليمي ادارا اڄ به بند پيل، ميٽرو بس سروس سميت پبلڪ ٽرانسپورٽ معطل

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ تعليمي ادارا اڄ به بند پيل، مري انتظاميا جو به تعليمي ادارا بند رکڻ جو اعلان، اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ ميٽرو بس سروس سميت پبلڪ ٽرانسپورٽ معطل ٿيل آهي، رستا بند هجڻ سبب جاڙن شهرن ۾ پيٽروليم شين جي کوٽ جو خدشو پيدا ٿي ويو آهي. جڏهن ته ڪافي ڏينهن کان ڪاروباري سرگرميون معطل هجڻ سبب اسلام آباد ۽ راولپنڊي سميت جاڙن شهرن جي آسپاس ڪاروباري ماڻهن جا هٿ مٿي تي اچي ويا آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو