8

اسلام آباد احتجاج ۾ مارجي ويندڙ ۽ زخمين جي لسٽ جاري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي احتجاج دوران اسپتال آندل زخمين ۽ فوتين جي فهرست جاري ڪئي وئي آهي. پي ٽي آءِ جي گذريل ڏينهن احتجاج دوران اهلڪارن ۽ پي ٽي آءِ ڪارڪنن جي وچ ۾ چڪريون گذريل ڏينهن جاري رهيون، رات جو دير سان پوليس ۽ رينجرز جي گرينڊ آپريشن کان پوءِ پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ ورڪر اسلام آباد مان ڀڄي نڪتا، پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻن طرفان پوليس سان چڪرين ۾ پارٽي ورڪرن جي مارجڻ بابت ڪيترائي مختلف بيان سامهون ايندا رهيا. پي ٽي آءِ اسيمبلي ميمبر شير افصل مروت طرفان احتجاج دوران 12 ورڪرن جي مارجڻ جو بيان سامهون آيو هو، جڏهن ته پي ٽي آءِ ترجمان طرفان 8 ڪارڪنن جي مارجڻ جو بيان سامهون آيو هو پر هاڻ پي ٽي آءِ جي احتجاج دوران زخمي ۽ مارجي ويندڙن جي فهرست سامهون اچي وئي آهي. پولي ڪلينڪ اسپتال اسلام آباد موجب پولي ڪلينڪ ۾ 2 لاش ۽ 26 زخمي آندا ويا، پولي ڪلينڪ آندل سمورن ماڻهن کي گوليون لڳل هيون، زخمين ۾ اڪثريت جو تعلق خيبرپختون خوا جي مختلف علائقن سان آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو