اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) گھرو وزير محسن نقوي چيو آھي ته جيڪي به شرپسندي ۾ ملوث هوندا انهن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويندو، موڪلن جو اعلان ٿي چڪو ھو، ان ڪري خميس کان اسڪول کلندا، بشريٰ بي بي ۽ علي امين گنڊاپور فرار ٿي ويا آھن. وفاقي وزير عطا تارڙ چوي ٿو پي ٽي آءِ جي اھا فائنل ڪال نه پر مِس ڪال ھئي، آخري اطلاعن تائين علي امين ۽ بشريٰ بي بي فرار ٿيل آھن، ماڻھو پنھنجون جتيون ۽ گاڏيون ڇڏي فرار ٿي ويا آھن، علي امين گنڊاپور ٻيھر ڪڏھن به اسلام آباد اچڻ جو نه سوچي.
6