4

وفاقي گهرو وزير لاشن جي سياست واري پي ٽي آءِ جي خواهش پوري ٿيڻ نه ڏني: شرجيل انعام ميمڻ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته تحريڪ انصاف لاشن جي سياست چاهي ٿي، وفاقي گهرو وزير پي ٽي آءِ جي خواهش پوري ٿيڻ نه ڏني، بيلاروس جو صدر وفد سان گڏ دوري تي پاڪستان آيل هو، اهڙن موقعن تي احتجاج جي روايت درست ناهي، هر اهم موقعي تي پي ٽي آءِ پاڪستان کي ڊي ريل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته احتجاج ۾ ڪي پي جي سرڪاري مشينري استعمال ڪئي وئي، قانوني ۽ اخلاقي طور تي پي ٽي آءِ ڪي پي ۾ حڪومت جو حق وڃائي ويٺي آهي، هن چيو ته احتجاج جو مقصد اِهو ناهي ته اوهان حڪومت کي يرغمال بڻايو، صدر آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر کي جيل ۾ وڌو ويو، پ پ ته ڪو احتجاج نه ڪيو، هڪ مڇي سموري تلاءَ کي خراب ڪندي آهي، پي ٽي آءِ خراب پارٽي نه هئي ان جو ليڊر خراب نڪتو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو