3

اسلام آباد ۾ پي ٽي آءِ جي وڳوڙن جي مذمت ڪريان ٿو: سرفراز بگٽي

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي چيو آهي ته اسلام آباد ۾ پي ٽي آءِ جي وڳوڙن جي مذمت ڪريان ٿو، پوليس ۽ رينجرز جي جوانن جي شهادت تي تعزيت ڪريان ٿو. ڪوئيٽا ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سرفراز بگٽي چيو ته پي ٽي آءِ شرپسندن اسلام آباد تي چڙهائي ڪئي پر ناڪام ٿي ويا، سيڙپڪارن کي سهولت ڏيڻ سان ئي ملڪي معيشت بهتر ٿيندي. مسئلن جو حل ٽڪراءَ بدران ڳالهين ذريعي ٿيڻ گهرجي، هن چيو ته باني پي ٽي آءِ جي آزادي ڌرڻن يا احتجاج نه پر عدالتن ذريعي ٿيندي، آئين جي بالادستي ذريعي ئي ملڪي ۽ صوبائي مسئلا حل ٿيندا، واپارين جا مسئلا حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون پيا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو