ڪراچي (ويب ڊيسڪ) جيل کاتي جي صوبائي وزير علي حسن زرداريءَ پاران ڊسٽرڪٽ جيل ملير جو دورو ڪيو، صوبائي وزير علي حسن زرداريءَ قيدين سان ملاقات ڪري انهن کان سهولتن بابت تفصيل ورتا، صوبائي وزير علي حسن زرداري جيل جي رڌڻي جو معائنو به ڪيو، صوبائي وزير علي حسن زرداري جيل اندر قيدين جي اسپتال جو به دورو ڪيو، ان موقعي تي صوبائي وزير جو چوڻ هو ته قيدين کي عزيزن سان ملاقات لاءِ سولايون پيدا ڪيون وڃن، ڪنهن جي به شڪايت ملي ته سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.
3