اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آءِ جي اسلام آباد ۽ چيف ڪمشنر چيو آهي ته اسلام آباد ۾ ٽن ڏينهن دوران 9 هزار 959 وڳوڙي گرفتار ڪيا ويا، وڳوڙين وٽان ڪلاشنڪوف ۽ پسٽلن سميت 39 خطرناڪ هٿيار ۽200 کان وڌيڪ گاڏيون هٿ ڪيون ويون، وڳوڙن دوران 3 رينجرز اهلڪار شهيد ۽ 71 قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪار زخمي ٿيا، آءِ جي اسلام آباد علي ناصر رضوي ۽ چيف ڪمشنر محمد علي گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سوچيل سمجهيل منصوبي تحت دهشتگردي ڪئي وئي، 26نومبر تي وحشياڻي انداز ۾ اسلام آباد تي حملو ڪيو ويو، احتجاج ۽ دهشتگردي ۾ فرق هوندو آهي، احتجاج جي آڙ ۾ دهشتگردي کي برداشت نه ڪيو ويندو، چيف ڪمشنر اسلام آباد محمد علي چيو ته قانون ۽ رياست کي چئلينج ڪيو ويو، احتجاج ۾ افغاني به هئا جن کي پڪڙيو ويو آهي. اسلام آباد ۾ احتجاج جو اهرو طريقيڪار غلط آهي، پي ٽي آءِ کي سنگجاني ۾ احتجاج جي آڇ ڪئي وئي هئي، هن وقت اسلام آباد جا سمورا رستا کليل ۽ روٽ ڪليئر آهن.
4