11

شهيد ميجر محمد اڪرم نشان حيدر جو اڄ 53هون شهادت جو ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) نشان حيدر شهيد ميجر محمد اڪرم جو اڄ 53هون شهادت جو ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي، پاڪ فوج، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي ۽ سروسز چيف پاران ميجر محمد اڪرم کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي، آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ميجر محمد اڪرم 19 مئي 1971 تي اوڀر پاڪستان ۾ هڪ ڪمپني جي ڪمانڊ ڪري رهيو هو، هن علائقي جو بهادري سان دفاع ڪيو، دشمن کي اڳڀرائي ڪرڻ نه ڏني، ميجر محمد اڪرم دشمن جون 3 ٽئنڪون تباهه ڪيون، ويڙهه ۾ سخت زخمي ٿي پيو ۽ 5 ڊسمبر 1971 تي شهادت ماڻي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو