7

لاهور سميت پنجاب جي مختلف شهرن ۾ زلزلي جا لوڏا

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور سميت پنجاب جي مختلف شهرن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا آهن، لاهور، گجرات، جهلم، ننڪانه صاحب، کاريان ۽ ٻين شهرن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا، قصور، پتوڪي، جلال آباد، ڀٽيان سميت ٻين شهرن ۾ به زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا، زلزلي جي لوڏن سبب ماڻهو خوف وچان گهرن ۽ آفيسن مان ٻاهر نڪري آيا، زلزلو ماپيندڙ مرڪز جو چوڻ آهي ته زلزلي جو مرڪز کاريان جي ويجهو هو، ريڪٽر اسڪيل تي زلزلي جي شدت 5 ڏهائي 1 رڪارڊ ڪئي وئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو