249

شهباز شريف ۽ حمزه شهباز تي مني لانڊرنگ ڪيس ۾فرد جرم لاڳو، ٻنهي جو ڏوهه قبولڻ کان انڪار

لاهور (م ڊ ) احتساب عدالت مني لانڊرنگ ڪيس ۾ مسلم ليگ(ن) جي مرڪزي صدر شهباز شريف، سندس پٽ  حمزه شهباز ۽ ٻين شريڪ جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو آهي. اربعا ڏينهن  /ڏسو صفحو 7 بقايا نمبر 24

احتساب عدالت جي ايڊمن جج جواد الحسن ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. جنهن شهباز شريف جي فرد جرم لاڳو نه ڪرڻ جي درخواست رد ڪندي شهباز شريف، حمزه شهباز ۽ ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو. جڏهن ته جوابدارن ڏوهه مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. احتساب عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 26 نومبر تائين ملتوي ڪري نيب جي ٽن شاهدن کي پڻ طلب ڪري ورتو. عدالت ۾ ڳالهائيندي شهباز شريف چيو ته  نيب جا سمورا الزام ڪوڙا آهن انهن کي رد ٿو ڪريان، اسان سان سياسي پلاند ڪيا پيا وڃن. ان کان اڳ شهباز شريف جي پيشي وقت مسلم ليگ ن جا ڪارڪنن گڏ ٿي ويا ۽ اهي شهباز شريف کي کڻي آيل پوليس گاڏي جي اڳيان بيهي ويا، جنهن  دوران انهن جي پوليس اهلڪارن سان ڇڪتاڻ پڻ ٿي. پوليس ڪارڪنن کي زوري گاڏي جي اڳيان هٽائي ڇڏيو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو