206

آمريڪا ۾ ٽرمپ جي حامين جو سپريم ڪورٽ ڏانهن مارچ، چڪريون، 3 زخمي، 20 گرفتار

واشنگٽن(م ڊ) آمريڪا ۾ ٽرمپ جي حامين جو سپريم ڪورٽ ڏانهن مارچ، چڪريون، 3 زخمي، 20 گرفتار، ان سلسلي ۾ ٽرمپ جي هزارين حامين چونڊ نتيجن خلاف سپريم ڪورٽ ڏانهن مارچ ڪيو، جڏهن ته پوليس ۽ مظاهرين ۾ چڪريون  پڻ ٿيون، جنهن دوران هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو، جڏهن ته پوليس 20 مظاهرين کي گرفتار ڪري ورتو آهي، چڪرين جون وڊيوز ۽ تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويون، پوليس ۽ مظاهرين ۾ جهڙپن دوران 2 اهلڪار به زخمي ٿي پيا، واشنگٽن سميت ڪيترين ئي رياستن ۾ ٽرمپ جي حامين احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا، ان موقعي تي سخت نعريبازي پڻ ڪئي وئي، هوڏانهن اڳوڻي صدر ٽرمپ مظاهرين کي خاموش حمايت جو اشارو ڪيو، جنهن بعد گولف ڪلب ويندي قافلي ۾ موجود ماڻهن سخت احتجاج ڪيو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو